ابوالبقا بکري

ابوالبقا بکري: ابوالبقا بکري ڏهين صدي هجريءَ جو مشهور صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. بکر ۾ سندس هڪ جهوپڙي هوندي هئي، جتي کانئس ڪيترائي ماڻهو فيضياب ٿيندا هئا. شيرشاهه سوريءَ جي ڪاهه کان پوءِ نصيرالدين همايون بادشاهه لشڪر سوڌو سنڌ ۾ آيو، ته اُن وقت سنڌ جو والي شاهه حسن ارغون هو. همايون بکر جي ٻاهران خيما کوڙيا. ابوالبقا جي بزرگيءَ جي هند ۽ سنڌ ۾ ايڏي ته شهرت هئي، جو همايون بادشاهه سندس جهوپڙيءَ ۾ ساڻس عقيدت سان ملاقات ڪئي. جڏهن شاهه حسن ارغون کي ان ملاقات جي خبر پئي ته هن ڀانيو ته ڪا سازش سٽي وئي آهي، ان ڪري هن ابوالبقا جي جهوپڙيءَ تي تيرن جو وسڪارو ڪرائي، کيس شهيد ڪرائي ڇڏيو. اهو واقعو اندازي موجب 48- 947هه/41- 1540ع ۾ رونما ٿيو.


لفظ ابوالبقا بکريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1540.00.00  عيسوي

ابوالبقا جي بزرگيءَ جي هند ۽ سنڌ ۾ ايڏي ته شهرت هئي ، جو همايون بادشاهه سندس جهوپڙيءَ ۾ ساڻس عقيدت سان ملاقات ڪئي . جڏهن شاهه حسن ارغون کي ان ملاقات جي خبر پئي ته هن ڀانيو ته ڪا سازش سٽي وئي آهي ، ان ڪري هن ابوالبقا جي جهوپڙيءَ تي تيرن جو وسڪارو ڪرائي ، کيس شهيد ڪرائي ڇڏيو . اهو واقعو اندازي موجب 48- 947هه/41- 1540ع ۾ رونما ٿيو .



صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عجمي سلسلو
شاهه شمس سبزواري ملتاني رح
حاجن شاهه بخاري سيد
سمون خليفو ابن اوڙاهه
چشتي سلسلو
شاهه رڪن عالم
قاضي احمد علي سنڌي
شاذليه طريقو
رکيل ريلائي مخدوم
ابو تراب شيخ
صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون